Protect the Residents of Tharushah: Relocate All Henna Factories Outside the City

4

Let’s get to 5 signatures!
Petitions with 1,000+ supporters are 5x more likely to win!

The Issue

ٺاروشاهه جي رهواسين جي صحت بچايو: شهر اندر قائم سمورن مهندي جي ڪارخانن کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو وڃي!

ڏانهن: ڊپٽي ڪمشنر ضلعو نوشهرو فيروز، اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا سٽي، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (SEPA) ۽ حڪومت سنڌ.

اسان، ٺاروشاهه ضلعي نوشهرو فيروز جا باشعور ۽ فڪرمند شهري، شهر جي گهاٽي آباديءَ وارن رهائشي علائقن اندر قائم مهندي ٺاهڻ جي ڪارخانن بابت پنهنجي سخت ڳڻتي ظاهر ڪريون ٿا.

رهائشي گهرن جي ويجهو صنعتي سرگرمين سبب هوا ۾ اڏامندڙ مٽي، سنها ذرڙا، ڪيميائي مادن جي ممڪن آلودگي ۽ صنعتي فضلي جي غلط نيڪال جا سنگين خدشا پيدا ٿين ٿا. اهڙي ماحول ۾ رهندڙ ماڻهن جي صحت، خاص ڪري ساهه جي بيمارين بابت سنجيده سوال اٿن ٿا.

شهرين کي پنهنجي صحت ۽ صاف ماحول جي قيمت تي صنعتي سرگرمين جو بار برداشت ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.

اسان حڪومت سنڌ ۽ لاڳاپيل اختيارين کان هيٺيان مطالبا ڪريون ٿا:

1. ٺاروشاهه شهر اندر قائم سمورن مهندي جي ڪارخانن جو فوري طور ماحولياتي معائنو ڪرايو وڃي.

2. سائنسي طريقي سان هوا ۾ موجود مٽي ۽ سنهن ذرڙن، صنعتي دونهين، ڪيميائي آلودگي ۽ فضلي جي نيڪال جي جاچ ڪرائي وڃي.

3. سمورن ڪارخانن جا لائسنس، ماحولياتي منظوريون ۽ لاڳو قانونن تي عملدرآمد چيڪ ڪيو وڃي.

4. شهر جي گهاٽي آباديءَ وارن رهائشي علائقن اندر قائم سمورن مهندي ٺاهڻ جي ڪارخانن کي شهر کان ٻاهر مناسب ۽ مقرر ڪيل صنعتي علائقي ۾ منتقل ڪيو وڃي.

5. نئين هنڌ تي ماحولياتي تحفظ جا مناسب انتظام ۽ باقاعده نگراني يقيني بڻائي وڃي.

اسان جو مطالبو ڪنهن جي روزگار يا ڪاروبار خلاف ناهي. اسان قانوني ڪاروبار ۽ صنعت جا مخالف ناهيون، پر صنعتي سرگرميون اهڙي مناسب هنڌ تي ٿيڻ گهرجن، جتي عام شهرين جي صحت ۽ زندگي کي خطرو نه هجي.

اسان ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا سٽي، سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي ۽ حڪومت سنڌ کي اپيل ڪريون ٿا ته عوامي مفاد ۾ فوري قدم کنيا وڃن.

ٺاروشاهه کي بچايو! پنهنجي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻايو!

هن پيٽيشن تي صحيح ڪري، شهر اندر قائم مهندي جي ڪارخانن کي رهائشي علائقن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ واري مطالبي جي حمايت ڪريو.

avatar of the starter
Dr. Muzafar AliPetition Starter

The Decision Makers

Assistant commissioner Bhiria city
District commisioner Naushahro Feroze
Sindh environment protection agency

Petition Updates